ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته ٿر ڪول بلاڪ 1 جي متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن لاءِ ڪالونيون قائم ڪري کين مناسب طريقي سان آباد ڪيو ويندو. بلاڪ I ۾ ڪم  ڪندڙ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ  متاثرن جي آبادڪاري لاءِ قدم کڻي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾  شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي صدر ليوپنگ جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو  ملڪ جي قسمت تبديل ڪندو، اجلاس کي  توانائي واري وزير امتياز شيخ بريفنگ ڏيندي چيو ته بلاڪ ون ۾ پاور پلانٽ جي اڏاوت سان ٻه ڳوٺ مڪمل طور  ۽ ڀرپاسي وارا  ڪجهه خاندان متاثر ٿيا آهن، جنهن تي وڏي وزير چيو ته  متاثرين کي بهترين رٿابندي سان تعمير ٿيل گهر فراهم ڪيا ويندا، ان موقعي تي امتياز شيخ ٻڌايو ته شنگهائي گروپ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت لاءِ 50 سيڪڙو رقم ادا ڪري ڇڏي آهي، باقي رقم جلد ادا ڪئي ويندي. وزيراعليٰ هدايت ڪئي ته  بلاڪ I جي متاثرين  جي ڪالوني ۾ پاڻي، بجلي، روڊ،  ڀاڄيون / وڻ پوکڻ، ڪميونٽي هال، هندو برادري ۽ مسلمانن لاءِ الڳ الڳ عبادت گاهون، اسڪول ۽ ڊسپينسري جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. شنگهائي گروپ جي صدر ليوپنگ ٻڌايو ته  پاور پلانٽ لاءِ زمين جو مسئلو اڃا لٽڪيل آهي، جنهن تي توانائي واري وزير چيو ته زمين وارا اڪثر مسئلا حل ٿي ويا آهن، رڳو 660 ايڪڙ قبولي زمين  جو مسئلو لٽڪيل آهي، جنهن تي وڏي وزير چيني گروپ کي يقين ڏياريو ته زمين جا باقي مسئلا به جلد حل ڪيا ويندا. وڏي وزير  چيو ته چيني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن. واضح رهي ته شنگهائي گروپ ٿر ڪول جي بلاڪ I ۾ 260 ميگاواٽ جا 2 پاور پلانٽ لڳائي رهيو آهي.