حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته حضرت امام حسين عليه السلام  حق ۽ سچ جي جنگ جو سپه سالار ھو. ظلم خلاف جنگ حسينيت آھي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڪربلا واقعو ظلم، بربريت ۽ ناانصافي خلاف ويڙھ ھئي. حضرت امام حسين عليه السلام جي قرباني سرفروشي ۽ جانثارن سان گڏ ظلم خلاف ميدان جنگ ۾ بيھي رھڻ عظيم مثال آھي. سندس پيغام تي عمل سان ئي ظلم ۽ ناانصافي جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو ڇاڪاڻ ته ظلم ۽ بربريت خلاف جدوجھد حسينيت ضروري آھي. اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جي وحدت لاءِ ويڙھ ۽ آواز بلند ڪرڻ به حسينيت آھي جڏهن ته ظلم آڏو جھڪڻ کان انڪار به حسينيت آھي ان لاءِ مصلحت بدران جدوجھد جي ميدان تي نڪرڻ گهرجي.