ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) سول ڪورٽ ڪوٽ غلام محمد جي سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ون عبدالقادر کوسو جي عدالت  10 ڏھ لک   رپين ۽ 5 لک رپين جا 2 الڳ الڳ ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن محمد اعظم پٺاڻ ۽ غلام شبير ڪپري کي ٻه ٻه سال قيد ۽ پنجاھ پنجاھ ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل ميرپورخاص اماڻي ڇڏيو آھي، اھڙو ڪيس فريادي مقصود احمد ولد الله رکا جٽ 6 مھينا اڳ ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي تي جوابدار محمد اعظم پٺاڻ ۽ غلام شبير ڪپري خلاف داخل ڪرايو هو.