وارھ (ن پ ا) وارھ ۾ قائم پوسٽ آفيس عمارت زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آھي،30 سال کان مرمت نه ٿيڻ  ۽ برساتن بعد ڇت جا چاپڙ ڪرڻ لڳا آھن. شھرين عبدالسلام گورگيج، نياز حيدري، عطاءَ الله چانڊيو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته انتظامي بي ڌياني سبب پوسٽ آفيس عمارت  جو مرمتي ڪم ناهي ٿيو،  ڪجهه سال اڳ پوسٽ آفيس جي ديوار ڪرڻ سبب هڪ نينگري فوت ۽ هڪ شھري زخمي ٿيو هو، نوٽيس وٺي عمارت نئين سر تعمير ڪرائي وڃي.