باڊھه ( ن پ ا ) شاعري  اعليٰ مقصد لاءِ ھڪ ذريعو آھي، اھڙو اظھار سنڌي ادبي سنگت  شاخ باڊھه جي  گڏجاڻي ۾  نقادن ڪيو، باڊھه س ا س جي هفتيوار دستوري  گڏجاڻي ۾  سارنگ امر  جي پيش ڪيل غزل تي راءِ ڏيندي ھنن چيو ته  عوام سان رابطي ۽ اعليٰ مقصدي پيغام  لاءِ ادب بھترين ذريعو آھي، اصل مقصد ظالماڻي سماج کي بدلائڻ آھي يعني عوام تان  اميرن جو ظلم لاھڻ، نقادن وڌيڪ چيو ته سنڌ  ۾ ضرورت آھي ته  اديب  پنھنجو اعليٰ مقصد رکن ۽ عوام سان سندن اھڙي ڪمٽمنٽ ھجي جھڙي  مارئيءَ جي  غريب ماروئڙن سان هئي، ھنن وڌيڪ چيو ته  سارنگ مظلومن ۽  پورهيتن لاء شاعري ڪري ۽ ڪالم  لکي ٿو ۽ وٽس ڏانءُ به آھي، گڏجاڻي ۾ اقبال کوکر ۽ قربان علي قرب پنھور شريڪ هئا.