وارھ (ن پ ا) وڇڙي ويل پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ محمد مراد چانڊيو جي شخصيت ۽ جدوجهد تي سهيڙيل ڪتاب آدرشي ۽ مخلص انسان محمد مراد چانڊيو جي مهورتي تقريب ٿي.شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي، عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ حريف چانڊيو، محمد صلاح چانڊيو، ڪتاب جي سھيڙيندڙ ڊاڪٽر شاھمراد چانڊيو، عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، جونيئر جانڻ چن، گسٽا اڳواڻ عبدالھادي چولياڻي، وارھ پريس ڪلب جي صدر اياز چانديو ۽ ٻين چيو ته مراد چانديو  ھڪ سچو، بردبار ۽ اصول پرست سياسي اڳواڻ ھو جنھن نه رڳو شھيد مير مرتضي ڀٽو جي نظريي سان آخري دم تائين نڀايو پر طبقاتي ۽ قومي جبر خلاف پڻ ڀرپور جدوجهد ڪئي.