وڳڻ (ن پ ا ) وڳڻ جي ڳوٺ ٿرڙي ھاشم جي رهواسي ٻوڏ متاثر ڇولا وڪرو ڪندڙ پورهيت امان الله تنيو ارڙي ۾ مبتلا معصوم نياڻي جو علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.امان الله تنيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته 4 سال جو پٽ ذيشان به غربت سبب ارڙي وگهي فوت ٿي ويو هو، 6 سال جي نياڻي به ارڙي ۾مبتلا ٿي وئي هي،هن چيو ته مون وٽ سندس علاج لاءِ پئسا ناهن. نياڻي جي اھڙي حالت نٿو ڏسي سگھان سندس علاج ۾ مدد ڪئي وڃي.