ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڇڇي گجو ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال بڻجي وئي آهي، جڏهن ته اسڪول ۾ مقرر ٿيل ماسترياڻي پڻ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڊيوٽي تان غائب آهي، جنهن ڪري ٻارڙا تعليم  پرائڻ کان محروم آهن، ڳوٺاڻن علي اڪبر گجو، حافظ محمدعلي گجو ۽ ٻين ٻڌايو ته شاهه محمود قريشي جا مريد هجڻ سبب اسان جي ڪير شڪايت ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان ڪڏهن اسڪول ۾ ماسترياڻي کي حاضر نه ڏٺو آهي، جڏهن ته سرڪاري رڪارڊ ۾ اسڪول هلندڙ ڏيکاريل آهي، پر هتان جا ٻار پڙهائي کان محروم آهن، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي بلڊنگ تعمير ڪرائي ماسترياڻي کي ڊيوٽي جو پابند بڻايو وڃي.