حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٿڌڙين راتين ۾ 60 لک رپين جي خرچ سان ٻن ڏينهن وارو صوفي ميلو شروع ٿي ويو. سنڌ ميوزيم جي احاطي ۾ منعقد ٿيل صوفي ميلي جو افتتاح اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل ثقافت سنڌ منور مهيسر ڪيو.  صوفي ميلي ۾ ڳالهائيندي مقررن چيو آهي ته سنڌ تهذيبن جي ماءُ آهي. تصوف ڌرتي مان ۽ ڌرتي تصوف مان جنم ورتو آهي. ثقافتي سرگرمين جي ڪري سنڌ جي ثقافت ڏيهان ڏيهه مشهور ٿي آهي. تشدد پسندي کي ثقافتي سرگرمين ۽ امن ذريعي ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي اوقاف کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊي جي ثقافت منور مهيسر چيو ته سنڌ ۾ ثقافتي سرگرمين جي ڪري ثقافتي پيغام پاڪستان ۽ دنيا تائين ڦهلجي ويو آهي. انهن ئي سرگرمين جي ڪري اڄ ڪئنيڊا جو وزيراعظم به سنڌين کي مبارڪون ڏي ٿو. هن چيو ته سنڌ امن جي ڌرتي آهي. اڄ جي تشدد پسندي واري دور ۾ صوفي ميلا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن شدت پسندي کي ٻنجو ڏئي سگهجي ۽ تصوف، امن ۽ محبتن کي هٿي وٺرائي سگهجي. هن چيو ته صوفي ميلو 6 ملين رپين جي خرچ سان لڳو آهي جڏهن ته ان جو اثر 60 ملين رپين کان به وڌيڪ نظر ايندو. هن چيو ته اهڙين سرگرمين تي خرچ ايندڙ رقم بابت ٻين هنڌن تي سوال نٿو ٿئي پر بدقسمتي سان اسان کان سوال ڪيا وڃن ٿا. اسين جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ڇاڪاڻ ته هي عوام جو پئسو آهي. هن چيو ته دنيا کي ڏسجي ته هاڻي پرنس چالس به ٽوپي پائي سنڌي ماڻهن کي مبارڪون ڏي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ مبور مهيسر چيو ته ثقافت کاتو روڊ رستا ۽ ناليون ٺهرائڻ لاءِ نه آهي ۽ نه ئي وري ان جو ڪم ٽيليفون جا ٽاور لڳائڻ آهي. ثقافت کاتي جو ڪم ثقافت کاتي کي هٿي ڏيڻ آهي.