ديا ڀيل جو وحشي قاتل ميڊيا آڏو پيش: عدالت رمانڊ منظور ڪري ورتو

0
1323

سنجهوري ۾ 2 هفتا اڳ بيدرديءَ سان قتل ٿيل ديا ڀيل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، گرفتار ڪيل ڀوپو روپو ڀيل بيواهه عورت جو قاتل نڪتو

 پوليس جوابدار روپو ڀيل کي ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد يونس چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ديا ڀيل جي بي رحماڻي جي قتل جي جاچ لاءِ هڪ جوابدار ڀوپي روپو کي گرفتار ڪيو

ڊي آءِ جي موجب جوابدار ڏوهه باسيندي ٻڌايو ته قتل ڪيس ۾ ساڻس 3 ساٿي ٻيا به آهن، جن گڏجي عورت کي قتل ڪيو ۽ سندس لاش ڳڀا ڳڀا ڪري سرنهن جي فصل ۾ اڇلايو

 ڊي آءِ جي موجب واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين، گرفتار جوابدار جو 5 ڏينهن رمانڊ مليو آهي، وڌيڪ پُڇا ڳاڇا ڪئي ويندي

 سنجهوري ويجهو 2 هفتا اڳ ڳوٺ ڊپٽي ۾ 50 ورهين جي بيواهه عورت ديا ڀيل کي بيدرديءَ سان قتل ڪري سندس لاش ڳڀا ڳڀا ڪري اڇلايو ويو هو