لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ميروخان تعلقي جي ٺوڦ چوسول جي ڳوٺ ساون جي ڳڙهي ۾ پسٽل جي گولي لڳڻ سبب 50 سال جي دورا خاتون زال منظور راهوجو سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن چانڊڪا اسپتال آندو، وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته گهر ۾ نينگر پسٽل سان راند کيڏي رهيو هو، اتفاقي گولي لڳڻ سبب پيرسن عورت زخمي ٿي پئي. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڳوٺ ۾ شادي جي پروگرام دوران هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي اچي عورت کي لڳي آهي.