بحريا ٽائون واري معاملي ۾ صنعان قريشي سوڌو عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪارڪنن جي گرفتاري واري عمل تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي رليز صنعان قريشي، رليز جسقم چيئرمين هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايا ويا، فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي انهن وڪيلن جي ساراهه ڪئي وئي جيڪي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ضمانتن جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پهتا. ان سلسلي ۾ جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صنعان قريشي جي گرفتاري ۽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن تي قائم ٿيندڙ ڪيس ناجائز ۽ مذمت جوڳا آهن باهيون ڏيندڙن کي کليل ميدان ڏيڻ، ڪنهن کي به نه روڪڻ ۽ پوءِ هي ڪارروايون ثابت ڪن ٿيون ته اهو سڀ ڪجهه طئي ٿيل هو،اسد ممتاز رد، عابد لاشاري به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي. اياز چانڊيو لکيو ته گرفتار ٿيل ساٿين جو ٻن ڏينهن جو رمانڊ ٿيو آهي گڏاپ ٿاڻي تي رکندا، مائٽ ۽ دوست اتي ملي سگهن ٿا، ڪورٽ جي حڪم موجب کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جي اجازت هوندي،لالا عبداللطيف پٺاڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بشير خان قريشي جي گهر تي چڙهائي ۽ صنعان قريشي جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي. امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جڏهن لبيڪ سڄي رياست کي يرغمال ڪري ويٺي هئي ٿاڻن ۽ عملي کي يرغمال ڪري ويٺي هئي ان جي قيادت کي گرفتار ڪرڻ بدران ان سان رياستي سطح تي ڳالهيون ڪيون ويون اتي ڪالهوڪي واقعن جي آڙ ۾ صنعان قريشي جي گرفتاري قابل مذمت آهي، مرڪزي قيادت مان شايد صنعان قريشي ئي اڪيلو هو جيڪو ڪارڪنن سان آخري وقت تائين بيٺل رهيو. امير ڀنڀرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صنعان قريشي جو ڏوهه اهو اهي ته هن بروقت گرفتار نياڻين ۽ ڪارڪنن جي مالڪي ڪئي ۽ گرفتار ٿيندڙن جي آزادي لاءِ تحرڪ ورتو، سندس آزادي جو مطالبو ڪجي ٿو. امر فياض لکيو ته صنعان قريشي سوڌو ڪارڪنن جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي. سهيل سنڌي لکيو ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهر تي چڙهائي ۽ سندس گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، دليپ رتناڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گرفتاريون، جيل، ٿاڻا ۽ ڪيس شهيد بشير قريشي تي به داخل ٿيا هئا پر اسان خوف کائڻ وارا ناهيون اسان سمورا ڌرتي ڌڻي صنعان قريشي سان گڏ آهيون، صنعان قريشي سوڌو گرفتار سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، سنڌين جي پرامن جدوجهد کي پرتشدد نه بڻايو. عرفان عالماڻي لکيو ته جسقم چيئرمين جي گرفتاري بابت سنڌ ايڪشن ڪاميٽي کي پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي، صنعان قريشي کي ظاهر ڪيو وڃي. فيروزا لاشاري لکيو ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، فوري آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا. غازي جهنڊير ليکو ته بحريا ٽائون احتجاج دوران بسن مان لاهي گرفتار ڪيل 120 ڪارڪنن کي سڄي رات بنا پکن وارن سوڙهن ڪمرن ۾ بکيو ۽ اڃيو رکيو ويو، عدالت ۾ پيشي دوران اهڙو انڪشاف ٿيو، ميرتضيٰ چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جسقم وائيس چيئرمين اعلان ڪيو آهي ته اڄ 3 وڳي روڊ بند ڪري باءِ پاس تي ڌرڻا هنيا ويندا ۽ سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي. لياقت عمراڻي، نعمان شاهاڻي، عبدالغني لاشاري، مير منور چانڊيو، آڪاش ملاح، امر فياض، معصوم معراج ڏهر، مير نصرالله ڏيرو ۽ ٻين پڻ صنعان قريشي ۽ ٻين ڪارڪنن جي گرفتاري جي مذمت ڪندي آزادي جو مطالبو ڪيو.