سکر/روهڙي/راڻيپور(نمائندن وٽان) ڏهرڪي ويجهو مسافر ٽرينن سان حادثي بعد پنجاب کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان پنجاب ايندڙ ويندڙ مسافر ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنن تي روڪيو ويو مسافر رلي ويا، پشاور ويندڙ خيبرميل کي راڻيپور ريلوي اسٽيشن، شاھ حسين ايڪسپريس، فريد ايڪسپريس، خيبر ميل سميت چئن کان مٿي مسافر ريل گاڏيون ڪيترائي ڪلاڪ روھڙي اسٽيشن تي ٻيٺل رهيون، پنجاب ويندڙ هزارا ايڪسپريس کي نوابشاهه، ڪراچي کا لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس کي ٻانڌي اسٽيشن تي روڪيو ويو۔ سمورين ٽرينن کي 18 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت ٿي چڪو آهي پر آخري اطلاعن تائين اهي اتي ئي موجود هيون. صبح جي وقت ايندڙ هزارا ايڪسپريس، عوامي ايڪسپريس، شاهه حسين ايڪسپريس کي لياقت پور ۽ رحيم يار خان ۾ روڪيو ويو. ڄاڻايل ٽرينن ۾ مسافر عورتون، ٻار ۽ مرد سوار هئا، جن ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسٽيشن تي بيهڻ ڪري شديد گرمي توڙي کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جي مناسب سهولت نه هجڻ سبب پريشانين کي منهن ڏنو. ريلوي انتظاميا طرفان مسافرن کي پريشانين مان نجات ڏيارڻ ۽ ٽريڪ جي بحالي تائين مسافرن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا بندوبست نه ڪيا هئا. راڻيپور ۾ مسافرن لاءِ سياسي سماجي ۽ مقامي ماڻھن ٿڌي پاڻي جون سبيلون لڳايون ويون سماجي اڳواڻ ثناء الله ڄامڙو، رياض سهتو، سرمد نثار، امتياز سرڪي، پي ٽي آءِ اڳواڻ سيد علي احمد شاھ مسافرن ۾کاڌو تقسيم ڪيو.