لاهور (م ڊ) نواز ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فواد چوڌري لاءِ جواب ته آهي پر غيرمناسب ٿي ويندو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هڪ شخص مٿي ويهي اپوزيشن کي گاريون ڏئي ٿو، ڪرپشن جو راڳ آلاپي ٿو، حڪومت اپوزيشن ۽ قوم سان فراڊ ڪيو، هي ڪرپشن ڪرپشن جو راڳ آلاپيندا رهندا آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ هائوس پنجاب ڪرپشن جي رهائشگاهه بڻيل آهي، ڊپٽي ڪمشنر عهدي جا آفيسر 2 کان 3 ڪروڙ ڏئي مقرر ٿي رهيا آهن، 2023ع ۾ اليڪشن ڪرائي وئي ته هي گهرن مان به نه نڪري سگهندا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي جواب ڏيندي چيو ته بلاول جي ڳالهه حقيقن جي ابتڙ آهي، بلاول کي سمجهڻ گهرجي ته صدر يا وزيراعظم نوابشاهه يا سنڌ جو نه پر پوري پاڪستان جو هوندو آهي. ٻئي طرف نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته 1200 ارب رپين جو ڪورونا پيڪيج به هڪ ٻيو رنگ روڊ اسڪينڊل نظر اچي رهيو آهي، رقم موجود هجڻ باوجود حڪومت ويڪسين جي بروقت بڪنگ ۾ غلفت ڇو ڪئي؟ وقت سر ويڪسين گهرائي وڃي ها ته هزارين پاڪستانين جون زندگيون بچائي سگهجن پيون. هن رليف پيڪج تي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ به پڌري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.