ڪوٽڏيجي (ن پ ا) : ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ محمد موسيٰ ٿيٻو ۾ ناري پرويزان ڌيءُ همٿ علي ٿيٻو کي گهر اندر مبينا طور گهٽا ڏيئي قتل ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال ڪوٽڏيجي پهچايو،پوسٽ مارٽم بعد وارث ناري جو لاش گهر کڻائي ويا، جڏھن ته اسپتال انتظاميا رابطو ڪرڻ تي ٻڌائيندي چيو ته ناري جي ڳلي ۽ ڪلهن تي ڌڪن جا نشان آهن، جنهن مان اهو ثابت پيو ٿئي ته کيس گهٽا ڏيئي قتل ڪيو ويو آھي، هوڏانهن ڪوٽڏيجي پوليس موجب واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آھي، انڪوائري ڪئي پئي وڃي، جڏھن ته ناري جي ٻن ڀائرن نديم ۽ آصف ٿيٻو سميت هڪ نامعلوم تي سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جنهن مان هڪ جوابدار نديم ٿيٻو کي گرفتار ڪري کائنس پڇا ڳاڇا جاري آھي، ٻئي پاسي علائقي ۾ اهي پڻ چوٻول هلي رهيا هئا ته ڀائرن پنهنجي ڀيڻ تي ڪارنهن جو الزام ڏيئي کيس گهٽا ڏيئي قتل ڪيو آھي.