مورو (ن پ ا) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي سان ايوان صدر اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي ريجنل نائب صدر امان قاضي جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جي صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان کان علاوه امان قاضي ضلعي نوشهرو فيروز جي لاءِ خصوصي وڏو ترقياتي پئڪيج ڏيڻ، بجلي ۽ امن امان جي صورتحال ۽ ڪارڪنن جي مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن تي صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي امان قاضي کي يقين ڏياريو ته ضلع نوشهرو فيروز جا سڀ مسئلا حل ڪيا ويندا. پي ٽي آءِ کي ضلعي نوشھروفيروز لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج ڏنو ويندو ڪارڪن پارٽي جو سرمايو آهن انهن جي ڏنل قربانين کي وساري نٿو سگهجي. انهن کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي بهتري لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي پوري دنيا ۾ پاڪستان جي وقار کي بلند ڪيو آهي هن وفد ۾ نديم احمد راجپوت، مشتاق جوڻيجو، آفتاب قريشي، نويد انجم چوڌري ملاقات ۾ موجود هئا.