صدر جي ڀٽيون: ڳوٺاڻن پاران بااثر پير تي نينگر تي تشدد بعد ڇيلو کسي ڪُهي ڇڏڻ جو الزام

0
352

صدرجي ڀٽيون ويجهو ڳوٺ ڄام خان بڙدي جي رهواسين بااثر پير تي ڇيلو کسي ڪُهي ڇڏڻ جو الزام لڳايو آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بااثر پير صفيع الله شاهه 8 ورهين جي نينگر اشرف بڙدي کي تشدد جو نشانو بڻائي ڇيلو کسي ڪُهي ڇڏيو آهي، شڪايتن باوجود پوليس بااثر خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري، مامري جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.