صدرجي ڀٽيون ( ن پ ا) هڪ هفتو اڳ کهڙا ڀرسان ڳوٺ سُڪ اڄڻ وٽ کجين جي باغ مان ڳوٺ حيات اڄڻ واسي نوجوان راشد اڄڻ جو گوليو لڳل لاش هٿ آيو هو، مقتول نوجوان جي ڀاءُ نظام الدين اڄڻ جي فرياد تي چار جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هو، مير راشد خان سندراڻي وٽ نوجوان جي قتل جو نبيرو ٿيو، اڄڻ برادري جو سرادر ميان علي ڏنو ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا، راشد جاگيراڻي مٿان خون ثابت ٿيڻ تي سرپئنچ خون جي بها ويهه لک ۽ مقتول جي وارثن وٽ ميڙ جي فتويٰ ٻڌائي، جڏهن ته راشد جاگيراڻي جي ڌر هڪ لک موقعي تي ادا ڪيو باقي رقم جي ادائيگي لاءِ وقت مقرر ڪيا ويا.