حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ لطيف آباد واسي فرحان خان جي نالي سان ٿي آهي. فرحان خان جو لاش آچر واري ڏينهن سحرش نگر ڀرسان درگاهه گل شاهه واري علائقي ۾ درياهه مان هٿ آيو هو. حدبندي جي تڪرار سبب نسيم نگر پوليس لاش ڪڍڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته ڪوٽڙي جي خانپور پوليس پهچي اهو لاش ڪڍي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو هو. خانپور پوليس کي فوتي جي ڪپڙن مان موبائيل فون به هٿ آيو هو جنهن جي سم ڪڍي نمبرن تي ڪالز ڪيون ويون جنهن مان پتو پيو ته فوتي لطيف آباد نمبر 7 جو رهواسي هو ۽ ذهني توازن درست نه هجڻ جي ڪري ڀٽڪندي سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. هوڏانهن نسيم نگر پوليس پاران لاش نه ڪڍڻ واري عمل خلاف ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل ”پنهنجي اخبار“ ۽ ”ٽائيم نيوز“ جي خبرن جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي حيدرآباد کي ان معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو هو. ڊي آءِ جي شرجيل کرل مطابق ان معاملي جي جاچ اي ايس پي ڪينٽ جي حوالي ڪئي وئي آهي.