ڄامشورو( رپورٽر ) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جيئي سنڌ محاذ قيادت کي فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ جي مذمت ڪندي سنڌ دشمن منصوبن خلاف عوامي رابطا مهم جو ٻيو مرحلو 4 جولائي کان ڊگهڙي کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪاميٽي جو سربراهي اجلاس جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشوري ۾ سيد جلال محمود شاھ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو، وسند ٿري، نور نبي راهوجو، اسلم خيرپوري, نواز خان زنئور، سيد خدا ڏنو شاهه، صوفي حضور بخش، مسرور شاھ، روشن علي ٻرڙو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمين بچائڻ لاءِ اسان ھر قرباني ڏين لاءِ تيار آھيون، پ پ سرڪار ڀلي ڪيترا بہ ڪيس داخل ڪري پر سنڌ جي مالڪيءَ ۽ وارثي تان پوئتي نہ ھٽنداسين. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پبلڪ سيڪٽر جي يونيورسٽين جي گرانٽ ۾ ٻيڻو اضافو ڪرڻ جي گُھر ڪري ٿي، جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ سندس مرڪزي قيادت کي فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪري انھن جي سياسي چرپر تي پابندي مڙھڻ کي غير جمھوري عمل سمجھون ٿا ۽ پ پ جي نام نھاد حڪومت جي اھڙي عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته رياض چانڊيي ۽ سندس ساٿين مٿان پابنديون ختم ڪيون وڃن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو، ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غير قانوني طور زمينون الاٽ ڪري اربين روپين جا فراڊ ڪيا، ڄاڻايل ڊپٽي ڪمشنرن جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪري کين ملڪ کان ڀڄڻ جو موقعو نہ ڏنو وڃي. هن چيو ته ذوالفقار آباد لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ بيراج لاءِ وفاقي حڪومت پاران رکيل بجيٽ جي مذمت ڪجي ٿي، ڌرتي ڌڻي ذوالفقار آباد، سنڌ بيراج ۽ اھڙن ٻين سنڌ دشمن ميگا منصوبن کي رد ڪن ٿا، ڌرتي ڌڻي اھڙن سمورن منصوبن کي ڪنھن بہ ريت نہ قبوليندا. هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران عوامي رابطا مھم جي ٻئي مرحلي ۾ 4 جولائي کان ڊگھڙي، جھڏو، نئون ڪوٽ ۽ مٺي، 5 جولائي تي اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو ۽ عمرڪوٽ، 6 جولائي تي ڪنري، سامارو، ڪوٽ غلام محمد ۽ 10 جولائي تي ميرپور خاص ۾ جلسا ڪوٺايا ويندا.