ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجھو ڏيڍ ورھين جو ٻارڙو راند ڪندي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت، گھر ۾ ڪھرام متل، پراڻي ٿاڻي جي حد ۾ نيو بس ٽرمينل ويجھو ڳوٺ چوڌري برڪت ۾ ھڪ ڳوٺاڻي انور راجپوت جي گهر ۾ ٺھيل پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڏيڍ سال جو معصوم ٻارڙو احمد ولد انور راجپوت راند ڪندي ڪري ٻڏي ويو، جنھن کي گھر وارا فوري طور ٽانڪي مان ڪڍي سول اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن پيٽ مان پاڻي ڪڍي طبي امداد ڏني پر ٻارڙو بچي نه سگھيو ۽ ڊاڪٽرن ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنھن بعد ضروري ڪارروائي بعد وارث لاش گھر کڻي ويا. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.