ٽنڊوالھيار (رپورٽر) بااثر جي پٽ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ ماءُ فوت ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيو. گذريل رات دير سان ٽنڊو الهيار لڳ حيدرآباد روڊ تي واقع راشد آباد ويجهو موٽر سائيڪل سوار ماءُ ۽ پٽ کي گاڏي جو ٽڪر لڳو، ڪار ۾ اڳوڻي ايم پي اي جو پٽ سوار ھو، زخمي ماءُ ۽ پٽ کي سول اسپتال ٽنڊو الهيار آندو ويو، جتي کين فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد مسمات جميلا کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جتي عورت جميلا زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي وئي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته مذڪوره واقعي جو ڪيس عورت جا وارث داخل نٿا ڪرڻ چاهين ڌڪ ھڻندڙ ڌر وارثن سان رابطي ۾ آهي هو هر وهنوار ڏيڻ لا۽ تيار آهن.