صدرجي ڀٽيون (ن پ ا)  بلدياتي اليڪشن 2022ع ۾ جي ڊي اي جي  هارايل اميدوار نديم ڪلهوڙو جي فرياد تي پ پ جي يوسي چيئرمين منظور حسين ڪلهوڙو سميت 18 سڃاتل ۽ 10  اڻ سڃاتل ماڻهن مٿان احمدپور ٿاڻي تي جهيڙي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  فريادي ڄاڻايو آهي ته اليڪشن ۾ ٻي برادري جو اميدوار بيهارڻ تان منظور حسين ڪلهوڙو ڏمريل هو، جنهن  روڊ تي 30 لٺ بردار ماڻهون بيهاري حملو ڪري سخت زخمي ڪيو، نديم ڪلهوڙو جي فرياد تي پ پ پ منظور ڪلهوڙو، فهد علي، قدير احمد، ڪليم الله، عمران احمد سميت 28 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.