ٽنڊوغلام علي( ن پ ا) ٽنڊوغلام علي لڳ ڳوٺ الهڏنو خاصخيلي ۾ طوفاني برسات سبب پورھيت اصغر علي خاصخيلي جو برسات ۾ گهر ڊھي پٽ پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پورھيت سخت زخمي ٿي پيو ھو جنهن بعد ڳوٺاڻن کيس ھڪ پلاسٽڪ جي جهوپڙي نما گهر ٺاھي ڏنو. جتي علاج نه ٿيڻ ڪري هو فوت ٿي ويو آهي. ان موقعي تي پورھيت علي اصغر خاصخيلي جي گهر واري مسمات بيوه سڀائي ۽ سندس چاچي بشير خاصخيلي صحافين اڳيان دانهون ڪندي چيو ته برسات سبب اسان جا ڪچا گهر ڍھي پيا ۽ اسان کي اڃا تائين نه راشن مليو نه وري اُس کان بچڻ لاء ڪو ٽينٽ به ڏنو آھي جنهن ڪري اسان جا ٻچا بکن وگهي رڙيون ڪري بيحال ٿي ويا آھن ۽ ٻچن جون رڙين سبب منهنجو مڙس پورھيت اصغر علي ٻچن جون بکن واريون دانهون ٻڌي بي حال ٿي ويو هو ۽ ڪالهه زخمن جا سور نه سهندي صدمي ۾ فوت ٿي ويو. ھنن وڌيڪ دانهون ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميا توڙي سماجي تنظيمن سندن واھر نه ڪئي ۽ ڳوٺن ۾ ويٺل ڳوٺاڻا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن ھنن وزير اعلي سنڌ سيشن جج بدين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ڊي سي خلاف ڪاروائي ڪري مون بيوه جي مدد ڪري مون کي راشن ۽ گهر ٺهرائي ڏنو وڃي،