ڪنڊيارو (ن پ ا) گذريل ڏينهن ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ حاجي صديق لاکو ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻن سڳن ڀائرن سميت چئن ڄڻن جي جنازي نماز ڳوٺ صديق لاکو ۾ اداڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد فوتين جا مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، هڪ ئي خاندان جي 4 ڄڻن جا جنازا کڄڻ وقت گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ هر اک آلي ٿي وئي، جڏهن ته هن وقت تائين وارثن وٽ ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي انتظامي عملدار لڙي نه آيو آهي،