لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا يشمه گل چيو آهي ته صحيح ماڻهو مليو ته جلد شادي ڪري وٺنديس. هڪ انٽرويو ۾ يشمه گل چيو ته في الحال مون شادي جو نه فيصلو ڪيو آهي ۽ نه ئي ان بابت سوچيان ٿي پر جڏهن ته صحيح ماڻهو مليو ته پوءِ دير نه ڪنديس. هن چيو ته اڃا تائين ڪنهن سان به دل نه لڳي آهي انڪري پريشان ناهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته زندگي ۾ هر انسان کي ڏک ملندا آهن آئون به ڏسي چڪي آهيان.