نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ڀرسان گهرو اڻبڻت تان زال مڙس مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، مقصود قائم خاني جي زرعي فارم تي ڪم ڪندڙ نوجوان پرڪاش ميگهواڙ ۽ سندس زال ٻڌي ميگهواڙ جيت مار دوا پي انتهائي قدم کنيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهريلو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.