حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 2013ع دوران ڀرتي ٿيل صحت کاتي جي ملازم کي 10 سالن جون پگھارون، پروموشن ۽ ٻيا الائونس ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صحت کاتي ۾ او ٽي اٽينڊنٽ طور ڀرتي ٿيل ملازم غلام سرور پگھارون نه ملڻ خلاف وڪيل سميع الله رند معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي. جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت پاران شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ تي سيڪريٽري صحت، اڪائونٽنٽ جنرل، ڊي ايچ او ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل آگاهي ڏني ته 10 سال گذري ويا آهن پر اڃا تائين ملازم کي آءِ ڊي ناهي ڏني وئي جنهن ڪري سندس اڪائونٽ ناهي کلي سگهيو. عدالت سيڪريٽري صحت کان پڇاڻو ڪيو ته ان لاپرواهي جو ذميوار ڪير آهي جنهن تي سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته ڊي ايچ او سميت لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سيڪريٽري صحت کي حڪم ڏنو ته 15 ڏينھن دوران ملازم جو مسئلو حل ڪري ايڊيشنل رجسٽرار معرفت مهيني بعد رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.