ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي، فصلن کي نقصان جو انديشو، خبر موجب قمبر ۽ ڀرپاسي تيز هوائن سان هلڪي هلڪي برسات پئي، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، ميروخان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، برسات سبب مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، برسات سبب بيٺل ڪڻڪ جي فصل کي نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، واهي پانڌي سميت سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن، ڪاڇي جي هيرو خان سميت ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان هلڪي برسات موسم خوشگوار ڪري ڇڏي، باھو کوسو ۽ ڀرپاسي جي علائقن انڙ اسٽيشن، پنھور، سنھڙي، دوڙ ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، برسات سبب ڪڻڪ، جو، چڻن، بصرن، ٽماٽرن، ڀينڊين، گدرن ۽ ھنداڻن جي فصل کي نقصان جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي.