ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي الڳ ڪيڊر جو درجو ملي ويو، بم ڊسپوزل ڪيڊر ۾ ڪانسٽيبل ۽ هيڊ ڪانسٽيبل جي 135 ۽  سنڌ پوليس ۾  ڊرائيور جي 4569 آسامين تي ڀرتين جو اعلان، ان ڏس ۾ سنڌ پوليس ۾ اسپيشل برانچ جي ماتحت ڪم ڪندڙ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي الڳ ڪيڊر جو درجو ملي ويو، سنڌ حڪومت طرفان منظوري ملڻ بعد بم ڊسپوزل ڪيڊر ۾ ڪانسٽيبل ۽  هيڊڪانسٽيبل  جي 135 آسامين تي ڀرتين جو به اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس م ڊي آءِ جي (اسٽيبلشمينٽ) اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر کي خط لکي چيو آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۾ هيڊ ڪانسٽيبل جي 13 ۽ ڪانسٽيبل جي 122 آسامين تي ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنو وڃي. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته ڀرتين لاءِ ٽيسٽ سيبا ٽيسٽنگ سروس وٺندي، چالان جي في 900 رپيا هوندي، هوڏانهن سنڌ پوليس ۾ ڊرائيور ڪانسٽيبل جي 4569 آسامين تي به ڀرتين جو اعلان ڪيو ويوآهي، انهي لاءِ به چالان في 900 رپيا هوندي، درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 31 مارچ مقرر ڪئي وئي آهي