ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ حڪومت پاران سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۾ به عورتن لاءِ گلابي بسون هلائڻ جو اعلان،  ڪراچي ۾ عورتن لاءِ شروع ڪيل گلابي بس وڌيڪ  ٻن روٽن تي هلائي وئي، سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ مڪاني کاتي جي وزير ناصر شاھ گلابي بس جي نون روٽن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پارٽي قيادت جي خاص حڪم تي سڄي سنڌ ۾ پيپلز پنڪ بس( گلابي بس)  شروع ڪئي آهي.  پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ آزمائشي بنيادن تي هڪ روٽ شروع ڪيو ويو.  شاندار موٽ ملڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ عورتن لاءِ گلابي بس سروس شروع ڪئي وئي.  هن چيو ته  اڄ کان ڪراچي جا ٻه نوان روٽ شروع ڪيا پيا وڃن.  انهي سان نياڻين کي اسڪول، ڪاليج ۽ آفيسن ۾ وڃڻ ۾ آساني ٿيندي.  هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا جي رڳو 12 ملڪن ۾ عورتن لاءِ الڳ بس سروس هلي رهي آهي هن چيو ته گلابي بس سکر، لاڙڪاڻي  سميت هر ضلعي 06FE شروع ڪئي ويندي