برسلز (م ڊ) يورپ جي 11 ملڪن ايٽمي توانائي تي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. بلغاريا، ڪروشيا، جمهوريا چيڪ، فن لينڊ، فرانس، هنگري، نيدرلينڊز، پولينڊ، رومانيا، سلوواڪيا ۽ سلووينيا موجوده نيوڪليئر پلانٽن سان گڏوگڏ نون پراجيڪٽن ۾ سهڪار لاءِ به اتفاق ڪيو. انهن جو چوڻ آهي ته ايٽمي توانائي يورپ کي ڪاربن خارج ڪندڙ ٻارڻ مان ڇوٽڪارو ڏياريندي. گڏيل بيان ۾ يورپي ملڪن چيو ته ايٽمي توانائي ماحولياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ذريعن مان هڪ آهي، بجلي پيدا ڪرڻ، واهپيدارن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ فراهمي يقني بڻائڻ لاءِ ايٽمي توانائي فائديمند ثابت ٿيندي. فرانس گهڻي عرصي کان ايٽمي طاقت تي ڀاڙيندو رهيو آهي، ان ايٽمي توانائي رکندڙ يورپي ملڪن سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فرانس موجب هڪ ”ايٽمي اتحاد“ جوڙڻ چاهيون ٿا، ايٽمي توانائي نه رڳو ملڪ پر يورپ کي ٽرانسپورٽ ۽ انڊسٽري لاءِ گرين هائڊروجن تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. پر ان معاملي تي يورپ ورهايل آهي، ڪيتريون ئي يورپي رياستون ان جون مخالف آهن، جن ۾ جرمني ۽ اسپين جهڙا ملڪ شامل آهن.