صحافي عمران رياض جي بازيابيءَ بابت اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون: دفاع واري وزارت

0
331
صحافي عمران رياض جي بازيابيءَ بابت اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون: دفاع واري وزارت
صحافي عمران رياض جي بازيابيءَ بابت اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون: دفاع واري وزارت

دفاع واري وزارت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو آهي ته صحافي عمران رياض جي بازيابيءَ بابت اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون، عمران رياض جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن

ٻڌڻي دوران عمران رياض جي وڪيل چيو ته اسان جو صبر جواب ڏئي رهيو آهي

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ رمارڪس ۾ چيو ته مون کي ڪنهن جو به خوف نه آهي، مان الله کانسواءِ ڪنهن کان به نه ٿو ڊڄان

چيف جسٽس عمران رياض جي وڪيل کي چيو ته منهنجي لاءِ پنهنجو دوڪان نه چمڪايو، توهان کي جيڪي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ڪريو منهنجو فڪر نه ڪيو

ايڊوڪيٽ جنرل پنجاب به عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته عمران رياض جي بازيابيءَ جون ڪوششون جاري آهن، عمران رياض جي والد کي به بازيابي بابت جوڙيل ورڪنگ ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو آهي

هي به پڙهندا

جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ