ڌاڙيلن فوجي جوان کي ڇڏي ڏنو، ڀُنگ ڪنهن ڀريو؟

0
327

گهوٽڪي جي ڳوٺ صوبدار کهاوڙ مان اغوا ڄاڻايل فوجي جوان شاهد علي کهاوڙ اوچتو گهر پهچي ويو

وارثن جو چوڻ آهي ته شاهد علي کهاوڙ بيهوشي جي حالت ۾ بازياب ٿيو آهي، پنهنجي گمشدگي بابت هو ڪجهه به نه پيو ٻڌائي سگهي، گذريل وارثن شاهد علي جي گمشدگي بعد سندس اغوا جو خدشو ظاهر ڪيو هو

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي دراني مهر واري علائقي مان به 2 هفتا اڳ اغوا ڄاڻايل عبدالغفور جعفري بازياب ٿي ويا آهن

دراني مهر پوليس مقابلي دوران مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پوليس موجب هٿياربندن عبدالغفور جعفري کي 2 هفتا اڳ ٽريڪٽر سوڌو اغوا ڪيو هو، علائقي ۾ مغوي جي ڀنگ عيوض بازيابيءَ جا چوٻول آهن