جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ

0
330
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي، پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ نه ٿا چاهيون، اهڙا معاملا 184 ٽي تحت هتي نه ٿا ڏسي سگهجن

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جماعت اسلامي جي درخواست اڪلائي ڇڏي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جماعت اسلامي جي واکاڻ ڪندي چيو ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ سياسي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ مثبت ڪوشش ڪئي، هتي عدالت آڏو معاملو مختلف آهي، عدالت لاءِ ممڪن نه آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري جي گهرائي ۾ وڃي

JI to renew protest against K-Electric from May 24

جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته اسان نيپرا ۽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ سان رجوع ڪرڻ چاهينداسين، چيف جسٽس جماعت اسلامي جي وڪيل کي چيو توهان جي وڏي مهرباني

 چيف جسٽس چيو ته توهان واڳيل فورم تي نه ويندا ته پوءِ اسان پنهنجو فيصلو ٻڌائينداسين، هڪ جڊيشل فورم اهو چئي ڇڏيو ته هن معاملي ۾ نه ٿا پئون ته پوءِ توهان کي ٻيا فورم به اهو ئي جواب ڏيندا

 جسٽس اطهر من الله چيو ته مان پنهنجي حد تائين ته اهو چوندس ته اسان کي پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي، اهڙا معاملا 184 ٽي تحت هتي نه ٿا ڏسي سگهجن

هي به پڙهندا

صحافي عمران رياض جي بازيابيءَ بابت اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون: دفاع واري وزارت