نوشهروفيروز (رپورٽر) محرابپور جي صحافي عزيز ميمڻ قتل ڪيس جي فريادي پاران 2 الڳ اپيلون داخل ڪيون ويون آهن، ڪيس جي فريادي عبدالحفيظ ميمڻ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن  ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ داخل ڪرايل اپيلن ۾ چيو ويو آهي ته قتل ڪيس جي ماسٽر مائينڊ کي پوليس رمانڊ تي ڏنو وڃي، ٻي درخواست ۾ جوابدار مشتاق سھتو کان جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، ۽ چيو ويو آھي ته ماتحت عدالت جوابدار مشتاق سھتي کي پوليس رمانڊ بدران  جيل ڪسٽڊي ڪيو آهي، اڍائي سال جدوجھد بعد جوابدار گرفتار ٿيو آھي ۽ جوابدار کان ڪابه جاچ نه ٿي ڪئي وڃي. ھن چيو ته عزيز ميمڻ صحافتي قتل جا سبب عوام آڏو آندا وڃن.