سکر (بيورو رپورٽ) سکر احتساب عدالت  پ پ چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سندس ٻن ڀائرن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ سکر احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضيءَ جي عدالت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومري ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سھيل انور سيال، سندس ٻن ڀائرن جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ۾ 14 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آھي. جڏھن ته ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سکر رحيم بخش ميتلو جي عبوري ضمانت ۾ به عدالت 11 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آھي. ياد رھي ته ڄاڻايل پ پ اڳواڻن خلاف نيب سکر طرفان جاچ ھلندڙ آھي، جنھن ۾ اهي گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت تي آزاد آھن.