سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ قتل ڪيس ۾ سيپڪو عملدار جي ضمانت رد ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ اڳوڻي ٽي ايم او مقتول اعجاز احمد شيخ جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار جي ماتحت عدالت طرفان ضمانت منظور ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي گذري، جنھن دوران قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار، سيپڪو سکر جي اڳوڻي ايس ڊي او امجد باجڪاڻي پيش ٿيو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ اڳوڻي ٽي ايم او اعجاز شيخ جي قتل ڪيس جوابدار ڄاڻايل سيپڪو عملدار امجد باجڪاڻيءَ جي ماتحت عدالت پاران منظور ڪيل ضمانت رد ڪري ڇڏي. عدالت جي حڪم تي سيپڪو عملدار امجد باجڪاڻيءَ کي ڪورٽ ۾ موجود پوليس تحويل ۾ وٺي عارضي لاڪ اپ ۾ بند ڪرڻ کان پوءِ جيل اماڻي ڇڏيو. واضح رھي ته ڪنڌرا واسي ٽي ايم او اعجاز شيخ جو قتل ڪيس مقتول جي وارثن سيپڪو عملدار خلاف داخل ڪرايو ھو، تازو ئي سکر جي عدالت طرفان ضمانت واري درخواست منظور ٿيڻ کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو هو. مقتول ڌر طرفان ضمانت رد ڪرڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ درخواست داخل ڪيو ويو هو.