دوڙ (ن پ ا) فوتي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي  مبينا هراسمينٽ واري مامري جو ڊائريڪٽر هيلٿ نوٽيس ورتو، انڪوائري ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿي ويل دوڙ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز انيسا چنا جي وارثن گذريل ڏينهن پريس ڪلب دوڙ اڳيان احتجاج ڪندي الزام هنيو هو ته انيسا چنا پنهنجي ئي ڊپارٽمينٽ جي امينا بروهي ۽ فريدا بروهي پاران هراسان ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي آهي، اهڙي مامري جو ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ حيدرآباد نوٽيس وٺندي 3 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر فرحان ميمڻ  ايڊيشنل ڊائريڪٽر هيلٿ حيدرآباد کي چيئرمين، جڏهن ته ڊاڪٽر حنا فاطمه ۽ ڊاڪٽر سمينا شيخ کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي 2 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندا.