صالح پٽ (رپوٽ: منير احمد مهر) صالح پٽ جا رهواسي مزدور 3 نوجوان اغوا، وارثن کان 26 لک رپيا ڀنگ طلب، ڀنگ نه ڏيڻ تي نوجوانن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي، وارث پريشان. خبر موجب صالح پٽ جا رهواسي 3 نوجوان مرتضيٰ شيخ، نديم شيخ ۽ گلزار شاھ چار ڏينهن اڳ مزدوريءَ تي شاديءَ جي ماني پچائڻ شڪارپور ويا هئا. ڄاڻايل پورهيت چئن ڏينهن کان پراسرار طور گم هئا. اڄ ڌاڙيلن نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ وارثن کي فون ڪري مغوين جي بازيابيءَ لاءِ 26 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي. اهڙي فون اچڻ بعد وارث پريشان ٿي ويا آهن. مغوين جي وارث غلام مصطفيٰ شيخ  ٻڌايو ته اسان جا 3 نوجوان مرتضيٰ شيخ، نديم ۽ گلزار شاھ 4 ڏينهن اڳ شڪارپور شادي جي ماني پچائڻ ويا هئا، جن سان پهرين ڏينهن فون تي رابطو ٿيو هو جنهن کان پوءِ سندن نمبر بند ٿي ويا، اڄ ڌاڙيلن فون ڪري نوجوانن سان ڳالھرائي بازيابي لاءِ 26 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، ڀنگ نه ڏيڻ تي ڌمڪي ڏني آھي ته توھان جي ماڻھن کي قتل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته اسان کي  26 لک ڀرڻ جي سگھه ئي نه آھي. ھنن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته مغوي پورهيتن کي بازياب ڪرايو وڃي.