ڪوٽڙي: ناري دادلي چانڊيو جي وارثن پاران سائيٽ ٿاڻي ڪوٽڙي تي 6 مارچ تي ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ محمد حسن چانڊيو فريادي موقف اختيار ڪيو ته شاھ رخ چنا، محمد علي چنا، سندن ماءُ ظهران چنا، اشفاق چانڊيو، فيصل راجپوت ٽن نارين دادلي چانڊيو، گلشن چانڊيو، ليلان چانڊيو کي گهر ۾ گهڙي زبردستي اغوا ڪري ويا آھن ڪيس داخل ٿيڻ بعد دادلي چانڊيو مقتول جي ڀاءُ شاھ رخ چنا پاران فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ٿي پسند جي شادي ڪرڻ جو بيان ڏنو ويو هو، جڏهن ته اغوا ڄاڻايل ٻه ناريون ليلان ۽ گلشن چانڊيو اڃان سوڌو ظاهر ناهن ٿي سگهيون.