ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سرڪاري ايمبولينسون نه هجڻ واري مسئلي تي عدالتي نوٽيس جاري ٿيڻ باوجود صحت وارو سيڪريٽري ذوالفقار شاھ پيش نه ٿي سگھيو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ صحت واري سيڪريٽري جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪالهه 9 نومبر تي موڪل هئڻ ڪري  سيڪريٽري ھيلٿ سان رابطو نه ٿي سگهيو آھي، جنھن تي درخواستگذار جي وڪيل اعجاز جتوئي چيو ته اسان کي صحت کاتي جي رپورٽ تي اعتراض آهي، رپورٽ ۾ ڏنل ڄاڻ مان مطمئن ناهيون، صحت کاتي جي رپورٽ موجب ٻه لک شهرين لاءِ رڳو هڪ ايمبولينس آهي، جڏھن ته سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد لاءِ رڳو 15 ايمبولينسون آهن، صحت کاتو اين جي اوز تي ڀروسو ڪري رهيو آهي، سڄي سنڌ ۾ ايمبولينسز ناھن، برساتي ٻوڏ ۾ ماڻھو تڙپي تڙپي مري رھيا آھن، عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ وڌيڪ ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..