شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ لڳ قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو، ڌريون مورچا بند، ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل، خبر موجب ڳوٺ نور محمد جلباڻي ۾ پلاند ۾ قتل ٿيل ٻن ڄڻن 25 سالن جي ممتاز جلباڻي ۽ 42 سالن جي محمد بخش جلباڻي واري واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي پوليس ڪا گرفتاري ڪئي آهي. رابطي ڪرڻ تي سنجر ڀٽي پوليس چيو ته مقتولن جا وارث اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ناهن آيا، جيئن ئي وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. هوڏانهن واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال آهي