شھدادپور (ن پ ا) صالح آباد اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ۽ چنگچي وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا بخش علي ميتلو، پنهون چنڙ، پٺاڻي باگڙي ۽ موهن ميگهواڙ زخمي ٿي پيا، جن کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال آندو ويو، جتان پٺاڻي باگڙي کي نازڪ حالت هجڻ سبب حيدرآباد نيو ويو.