قمبر (رپورٽر) قمبر جي غريب آباد محلي واسي نوجوان غلام مصطفيٰ لاکو پنهنجي گهر جي بجلي جي تار ٺاهي رهيو هو ته کيس ڪرنٽ لڳو جنهن سبب هو بيهوش ٿي هيٺ ڪري پيو جنهن کي بروقت قمبر اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽر نوجوان ڪي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، فوتي جو لاش اسپتال مان کڻي گهر آندو ويو ته سندس گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.