ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ پوليس انتظاميا پاران ڏوھن، واقعن، حادثن ۽ سرگرمين کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ جديد سيف سٽي پراجيڪٽ جو افتتاح ڪيو ويو، ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان، ڊي سي ٺٽو غضنفر قادري ۽ ايم پي اي رياض شاهه شيرازي پاران جديد سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي ذريعي سيف سٽي پراجيڪٽ جي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر جو باضابطا طور تي افتتاح ڪيو ، ايس ايس پي آفيس مڪلي تي قائم ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر ذريعي ٺٽي ۽ مڪلي جي ڀرپاسي 20 ڪلوميٽرن تائين جي داخلي ۽ خارجي هنڌن تي قائم سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي مانيٽرنگ ڪئي ويندي.