سکر(بيورو رپورٽ) ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ ڳاڙھو ٻرڙو جي رھواسڻ مسمات رحمت خاتون مھر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانھيو ته سندس پٽ غلام رسول ڪجھه مھينا اڳ صادق آباد جي رھواسڻ شمائلا سان پسند جي شادي ڪئي، جنھن کان پوءِ ناريءَ جي عزيزن برادريءَ جي ماڻھن کي منھنجي پٽ جي قتل لاءِ پئسا ڏنا، نتيجي ۾ گھر تي حملو ڪري منهنجي ٻئي پٽ عبداللھ کي شديد زخمي ڪيو ويو. پوليس کي دانهن ڏيڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي.