شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور پوليس پاران ٻن شھرين کي کنڀڻ خلاف کپري واسي اختر ڦيراڻي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، شهري ايس ايچ او طفيل ڀُٽو، ون فائيو انچارج صالح خاصخيلي ۽ اهلڪار آصف کوکر تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته پوليس سندس ڀاءُ رمضان کي بنا جواز گرفتار ڪري مٿس هٿيار جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو ۽ ڀائٽي شير علي ڦيراڻي کي ناحق کنڀي کائنس 50 هزار رقم وٺي آزاد ڪيو، ٻئي طرف عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ايس ايس پي سانگهڙ کي نوٽيس جاري ڪندي پوليس اهلڪارن کي 8 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي.