جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد سول اسپتال جي اسٽور روم ۾ بخار، معدي سميت ٻين بيمارين جون لکين رپين جي ماليت جون دوائون انتظاميا جي لاپرواهي سبب ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اسٽور ڪيپر ايم ايس کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. اسٽور ڪيپرعبدالحميد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برساتن ۾ اسٽور جي ڇت ڪري پئي، جنهن سبب اسٽور ۾ پيل معدي، بخار سميت ٻيون دوائون خراب ٿي ويون آهن، دوائن جو مدو 2024 تائين هئڻ باوجود مريض دوائون خراب هئڻ جو جواز ڄاڻائي وٺڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اسٽور جي ڇت جي ليڪيج بابت ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ کي بروقت اطلاع ڏنو ويو هو، ان باوجود به اعليٰ اختيارين نوٽيس نه ورتو آهي ۽ دوائون پڻ خراب ٿي ويون آهن ان سلسلي ۾ ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان سان رابطو ٿي نه سگهيو آهي.