مٽياري  (رپورٽر) سنڌ ميمڻ اتحاد جو سربراھ حاجي عبدالرزاق ميمڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، حاجي عبدالرزاق ميمڻ ڪافي عرصي کان بيمار هيو،  پاڻ هن وقت پي ٽي آءِ سنڌ جو اڳواڻ پڻ هو، هن کان اڳ مخدوم امين فهيم سامهون اليڪشن پڻ وڙهي هئي، ۽ سنڌ ميمڻ اتحاد جو بنياد پڻ وڌو هو. سندس لاڏاڻي تي مٽياري شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته سياسي سماجي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو آهي. مرحوم جي جنازي نماز ۾ شهرين ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس وارثن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.